لاهور (م ڊ ) سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري صاف پاڻي فراهمي ڪيس نيب کي موڪلي ڇڏيو ۽ صاف پاڻي ڪمپني جي سي اي او محمد عثمان کي سموري پگهار واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ثاقب نثار علي رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته صاف پاڻي ڪمپني ۾ زعيم قادري جي زال ۽ ڀاءُ جو ڪردار ڇا آهي، کيس ڪهڙي اهليت تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل بئنچ صاف پاڻي جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سي اي او صاف پاڻي ڪمپني محمد عثمان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ صاف پاڻي جي فراهمي بابت رپورٽ پيش ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته منصوبي تي 400 ڪروڙ رپيه لڳڻ باوجود شهرين شهرين کي هڪ ڦڙو پاڻي نه ملي سگهيو، صاف پاڻي ڪمپني ۾ معاملا مٿي وڃڻ بدران هيٺ اچي رهيا آهن. چيف جسٽس پاڪستان رپورٽ رد ڪندي ڪيس نيب کي موڪلي ڇڏيو ۽ سي اي او صاف پاڻي ڪمپني محمد عثمان کي سموري پگهار واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار مارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب جي سموري ڪمپنين جي سربراهن کي گهرائيندس ۽ ڪمپنين جي سربراهن کان پگهار واپس ورتي ويندي. هن چيو ته جيستائين هي عدليه آهي ڪابه سفارش يا رشوت نه ورتي ويندي، ٻڌايو وڃي ته زعيم قادري جي ڀاءُ ۽ بيگم کي ڪهڙي اهليت تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ايترا خرچ اشتهاري مهم تي خرچ ڪيا ويا پر منصوبو مڪمل ئي نه ٿيو آهي، اهو قوم جو پئسو آهي، واپس قومي ناڻي ۾ ايندو ۽ سڀني جو احتساب ٿيندو. اڳوڻي سي اي او چيو ته پنجاب جي وڏي وزير اختيار نه هئڻ باوجود صاف پاڻي ڪمپني ۾ حڪم جاري ڪيا. چيف جسٽس چيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، قوم جي هڪ هڪ پائي اوڳاڙيندس، جن ڪمپنين ۾ مقرريون ڪيون تنهن کان رقم به واپس ورتي ويندي. چيف جسٽس چيو ته سمورين ڪمپنين جي سي اي اوز کي سرڪاري ملازمت جي برابر پگهار ملندي. چيف جسٽس پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي 14 اپريل تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.