قوم جو حوصلو بلند آهي، حملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون: وزيراعظم

February 22, 2017 at 2:36 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

 اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چارسدا ۾ ٿيل ڌماڪن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي کي ختم ڪري پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين. حڪومت دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جاري رکندي جڏهن ته قوم جا حوصلا بلند آهن، اسان حملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. وزيراعظم نواشريف شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جوا ظهار ڪيو ۽ حملي کي ناڪام بنائڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليس اهلڪارن بهادري وارو ڪم ڪيو آهي، اهلڪارن جي قرباني جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون بچيون آهن. ٻئي طرف صدر ممنون حسين به چارسدا ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگردي جي بزدلانا ڪارروائي جي خلاف جنگ ۾ اسان جا حوصلا پختا آهن.

اي پيپر