قوم جو آصف زرداري کي ايمانداري جو ليڪچر ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا(م ڊ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته قوم جو آصف زرداري کي ايمانداري جو ليڪچر ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي، زرداري کي شفافيت تي ليڪچر ڏيڻ سٺو نٿو لڳي، قانون ۽ آئين تي رحم/ ڪيو وڃي. وفاقي گهرو وزير پاناما فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو ته ڪولين کي به پر لڳي ويا آهن، هو ڪو ٽيڪنا ڪيس، ڊائمنڊ نيڪلس يا سري محل ڪيس يا ڪرپشن جو معاملو ناهي بلڪ معاملو رڳو اهو آهي ته فيلٽن جي لاءِ پيسا ڪٿان آيا، مان سمجهان ٿو ته پاناما ڪيس هاڻ به ٻڌڻي هيٺ آهي، اهو هڪ متفق فيصلو آهي، ٻي ٽي جو تاثر غلط آهي، عدالتي فيصلي کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. ججن اختلاف راءِ جو اظهار ضرور ڪيو آهي پر جي آءِ ٽي بڻائڻ ۾ پنجن ججن جي صحيح موجود آهي ۽ فيصلو اچڻ کان پوءِ عدالتن جي مٿان عدالتون لڳي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪا به عدالت فيصلو ڪنهن جي خواهش موجب ناهي ڏيندي.  وڌيڪ جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي بڻائي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *