ٺٽو (اين اين آءِ) قومپرست اڳواڻ مشهور قانوندان اديب ڏاهي رسول بخش پليجو کي جمعي جي صبح جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو تفصيل موجب بزرگ سياستدان ۽ ڏاهي عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو جي جنازي جي نماز جنگشاهي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ مغل خان پليجو گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويئي جنازي نماز ۾ سياسي اڳواڻن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان کان پوءِ کيس جنگشاهي جي مقامي قبرستان ۾ مٽيٰءِ ماءُ حوالي ڪيو ويو قومپرست اڳواڻ دفنائڻ جي موقعي تي پارٽي ڪارڪن اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي روئندا رهيا ان کان اڳ قومپرست اڳواڻ جو مڙهه جڏهن جنگشاهي پهچايو ويو ته عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت اديب دانشور هاري ناري روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيهي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ان موقعي تي عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ موجود هو اهي پنهنجي اڳواڻ سان عقيدت جو اظهار ڪري رهيا هئا سينيئر سياستدان ۽ عوامي تحريڪ جي باني گذريل ڏينهن ڊگهي علالت کان پوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ان جي عمر 88 سال هئي عوامي تحريڪ جي ترجمان مطابق رسول بخش پليجو ڊگهي عرصي کان بيمار هو کيس ساهه دل ۽ سيني ۾ تڪليف جي شڪايت هئي انتقال وقت هو ڪلفٽن ۾ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.