قومي ۽ پنجاب اسيمبليءِ ۾ آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي خلاف قرارداد منظور

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي خلاف گڏيل طور قرارداد منظور ڪئي وئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي خلاف قرارداد وفاقي وزير برجيس طاهر پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي قدم گڏيل قومن سميت ٻين عالمي فورمز جي ڀڃڪڙي آهي. قرارداد جي متن موجب هي ايوان آمريڪي قدم جي مذمت ڪري ٿو، آمريڪا فوري طور تي سفارتخانو منتقل ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي. اسيمبلي ميمبرن ان قرارداد کي گڏيل طور منظور ڪري ورتو آهي.هوڏانهن مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر حنا پرويز بٽ ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد کان پوءِ مسلم ليگ ن جي عورت اسيمبلي ميمبر حنا پرويز بٽ به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو. حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جي ان فيصلي سڄي مسلم امت جي توهين ڪئي آهي، آمريڪا يهوديت نواز پاليسي سڄي دنيا جي سامهون اچي چڪي آهي، سلامتي ڪونسل، عرب ليگ سميت سمورن اسلامي ملڪن جي گڏ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ يورپ اسرائيل جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، سڄي مسلم امت تي آمريڪا طرفان حملو ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي جو فوري نوٽس وٺن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *