قومي ٻَڌي جو سوال ڇا ٿيڻ گھرجي؟

March 2, 2017 at 8:01 pm

امير ڀنڀرو
سنڌ جي صورتحال ڏاڍي ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ آھي،ڇا سنڌ جا اھڙا نصيب قدرتي آھن يا سنڌ کي اسان پاڻ درياهه جي ان ڪُن ۾ اچي سَٽيو آھي جتي نه ٻُڏي ٿي نه تَري ڪناري طرف وڃي ٿي،سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڏھائيون گذري وڃڻ کان پوءِ به سنڌ ترقي نٿي ڪري،اُھي ڪھڙا سبب آھن جو دنيا ۽ پاڪستان ۾ ٻيا صوبا ته ترقي ڪري رھيا آھن پر پوري سنڌ جو حال موئن جي دڙي جي کنڊراتن کان به ويل آھي ،چيو ٿو وڃي ته سنڌ جو ھي حشر سنڌ جي نااھل ۽ بدعنوان حڪمرانن ڪيو آھي،جن کي سنڌي ماڻھو نچي ڪُڏي ووٽ ڪن ٿا،سنڌ دوست ۽ قومپرست پارٽيون ۽ انھن جا اڳواڻ ڏوراپو ٿا ڏين ته سنڌي بي قدري ۽ احسان فراموش قوم آھي ۽ انھن کي موٽ نٿي ڏئي،ھن سوال کي باريڪ بيني سان ڏسڻ جي ضرورت آھي،سنڌ بيھڪ جي لحاظ کان مختلف علائقن ۾ ورھايل آھي تيئن ئي اھا سماجي ۽ سياسي طور به ورھايل آھي،مٿان وري رياستي سازشون آھن،ڌاري آبادي ۽ انھن جو اقتداري ايوان توڙي بيوروڪريسي،عدليا،ميڊيا شھرن ۽ ڪاروبار تي اثر رسوخ آھي،سنڌ جي سياست شروع کان ٻن حصن ۾ ورھايل آھي ھڪڙي ووٽ واري سياست ٻي روڊن تي احتجاج واري سياست آھي،ٻنھي جو مقصد سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي آھي،صرف طريقي ڪار جو فرق آھي جتي سنڌ ورھائجو وڃي،ان کان سواءِ سنڌ جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ سائين جي ايم سيد جي آزادي واري نظرئي جا پوئلڳ به آھن جن جو چوڻ آھي ته اسيمبلي ۽ احتجاجن مان ڪجھه به ورندو،سڌي راند سونٽَي جي ،بس سنڌ آزاد ٿي وئي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا،آءُ سياست جي شاگرد جي حيثيت ۾ جيڪو سمجھي سگھيو آھيان ته سالن کان محرومين جو شڪار سنڌي ماڻھو کي فوري رليف گھرجي،سنڌي ماڻھو کي امن،روزگار،صحت،تعليم،صاف پاڻي،پوليس ۽ وڏيري جي ايذائن کان بچاءُ،روڊ،بجلي،گئس ۽ بنيادي سھولتون گھرجن،جيڪي جيڪڏھن ڪو فوجي حڪمران ننڍي پيماني تي فراھم ڪري ٿو تب سنڌي ماڻھو جيڪڏھن ان جي ڪَڍ نه آھن تب ان جي ساراھ ضرور ڪن ٿا،ھي سوچڻو پوندو ته سنڌي ماڻھن جي وات تي ھي وائي ڇو آھي ته امام خميني جھڙو ليڊر پيدا ٿئي،آخر سنڌي ماڻھو اسانجي موجوده قيادت مان بيزاري ۽ خفگي جو اظھار ڇو ٿو ڪري؟ اسان جي ڏھاڪن جي جدوجھد مان مطئمن ڇو نه ٿو ٿئي؟ سنڌ جي سمورن سياستدان،سياسي ڪارڪنن، باشعور طبقي ۽ دانشور کي سنڌ جي منتشر سوچ،ننڍڙن ننڍڙن پيدا ٿيل سياسي گروپن، گروھن ۾ تيزي سان وڌندڙ سوچ جو جائزو وٺڻو پوندو،انھن سببن کي به ڳولڻو پوندو ته آخر سنڌ ۾ اجتماعي سوچ وارو شعور ۽ قومي ٻَڌي ڇو نٿي پيدا ٿئي؟ھي به سوچڻو پوندو ته جڏھن سڀ سياسي اڳواڻ،دانشور،اديب،شاعر ۽ سول سوسائٽي ھر وقت سنڌ  ڪندي وتي ته پوءَ اختلاف يا جھيڙو ڇا تي آھي، آخر سڀ ھڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ڇو نٿا ٿين، پاڻ ۾ اتحاد ڇو نٿا ڪن، ھر سياسي پارٽي مان نئين پارٽي ۽ ھر اداري مان نوان ڌڙا،گروپ ۽ نيون ديڳڙيون ڇو ٿيون جنم وٺن؟ اسين ڏکين حالتن ۾ گڏجڻ بجاءَ ڇڙوڇڙ ڇو ٿي رھيا آھيون؟ منھنجي مشاھدي ۾ ھي سمجھه ۾ اچي ٿو ته اسان جي وچ ۾ ڪي به وڏا اختلاف نه آھن، نه ڪي جھيڙا آھن، عھدن تي جھيڙو، معتبري ۽ صدارت جو جھيڙو، پروٽوڪول ۽ ڪرسين تي ويھڻ جو جھيڙو تقريرن ۽ پريس رليزن ۾ نالا ھيٺ مٿي ڪرڻ جو جھيڙو، جنھنڊن ھڻڻ جو جھيڙو، نعرن جو جھيڙو، پسند نا پسندان ننڍڙي سوچ کي اسين نظرياتي اختلافن جو نالو ڏئي الڳ الڳ ٿي ھڪٻئي سان رُسي ويھون ٿا،،مذھبي فرقن جي عالمن جيان ھر فقو ٻئي کي ڪافر قرار ٿو ڏئي، ائين اسانجا سياستدان ۽ دانشور ھڪٻئي کي ايجنسين جو پگھادار، قومي غدار، ڀتي خور ۽ سنڌ دشمن جون فتوائون ٿا ڏين،سنڌ جو ھر سياسي اڳواڻ ۽ دانشور صرف پاڻ کي ئي صحيح، عقل ڪُل ۽ سنڌ جو ھڏُ ڏوکي سمجھي ٿو، ٻيو ڀل ڪيڏو به پورھيو ۽ جدوجھد ڪري، ڀل جيل ۽ ڦاسي چڙھي وڃي پر سندس پورھئي ۽ جدوجھد جي تعريف ۽ مڃتا ڪرڻ بجاءَ بغض ۽ ساڙ، منافقي ۽ حسد سبب رد ڪري ان خلاف فتوائون ۽ الزام بازي ڪرڻ اسان جو شيوو ٿي پيو آھي، ھاڻ جڏھن چئون ٿا ته اجتماعي شعور نه ٿو پيدا ٿئي ته سوال پيدا ٿيندو ته اُھو ڪيئن پيدا ٿئي، ڪنھنجي ذميداري آھي؟ سڄو سنڌي سماج ورھائجي چڪو آھي، ھر شھر ۾ چار چار پريس ڪلب، ادبي سنگت ۾ ڌڙابندي ۽ لابنگ، اديب ھڪڙا سرڪاري ٻيا غير سرڪاري ننڍن توڙي وڏين پارٽين ۾ گروپ بندي، ھڪڙي ننڍڙي پارٽي جنھن ۾ ھجن ئي ڪُل چار ماڻھو انھن کي به ھڪٻئي جو مُنھن نه وڻي ته پوءَ اھي قومي ٻَڌي ڪٿان ڪرائيندا؟ اصل ۾ جھيڙو ڇا تي آھي؟ اسانجا اڪثر اڳواڻ توڙي دانشور تمام خصيص سوچ جو مالڪ،گھٽ پڙھيل ھجڻ سبب محدود سوچ، انا پرست، مفادپرست، منافق، اڻسھپ، عدم برداشت، غير مستقل مزاج، نه مشاھدو ۽ مطالعو، خوشامندي، خود ثنائي ٻُڌڻ جو عادي، تنقيد ٻُڌڻ جي صلاحيت نه ھجڻ برابر، شڪي مزاج، ڪَنن جو ڪچو، ھر معاملي ۾غير جمھوري انداز، فيصلي جي صلاحيت گھٽ، ڀاڙيو، ساٿين کي گڏ کڻي ھلڻ جو ھنر گھٽ، سياست ۽ ادب ۾ کپي نه کپي، منظور نا منظور واري طالباني غير لچڪدار سوچ، سياست ۽ مختلف شعبن ۾ عقيدا پرستي ۽ سياست ۽ ادب کي سنڌ بجاءَ ذاتي مقصدن لاءَ استعمال ڪرڻ سبب سنڌي ماڻھو سمجھي ويو آھي، تنھنڪري ان جو سياست يا ڪنھن شعبي سان لاڳايل ماڻھو تي ويساھ ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آھي، ھاڻ ھن ھڪ صدي جي گند مان جان ڇڏائن لاءَ سنڌ جي سڀني قوم پرست، جمھوريت پسند، روشن خيال سياسي اڳواڻن، دانشورن، اديبن، سماج سڌارڪن، استادن، عالمن، سول سوسائٽي کي گڏ ويھي پنھنجي غلطين ۽ ناڪامين جو اعتراف ڪندي جائزو وٺڻ گھرجي، ھن وقت ھُو جنھن پوزيشن تي آھن اُھي انائون ختم ڪري سچي دل سان سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ ھڪٻئي کي برداشت ڪندي پاڻ کي ارپڻو پوندو، سنڌ ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي توڙي سنڌ جي مجموعي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءَ ايجنڊا ٺاھي سالن لاءِ ڊگھي مدي جي رٿابندي ڪرڻ گھرجي، جيڪي پارٽيون اليڪشن وڙھن ۽ ڪامياب ٿي حڪومت ۾ اچن ته ھُو ان رٿابندي تحت سنڌ ۾ سُڌارا آڻڻ جون پابند ھجن، باقي پارٽيون ان تي عمل ڪرائڻ لاءَ حڪومت تي گڏجي پريشر وجھنديون رھن، جديد سائنسي بنيادن تي ويزن جُڙڻ گھرجي، سنڌ جي نوجوان تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گھرجي جنھن مان نئين رت ۽ جذبي واري قيادت پيدا ڪجي،ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ مضبوط پارٽي ۽ نئين قيادت جو وڏو خال آھي، ان سلسلي ۾ اسين پنھنجون سڀ انائون ڇڏي سڀني سنڌ ۽ وطن دوست سياسي پارٽين، اڳواڻن، دانشورن اديبن، صحافين ۽ با شعور طبقي کي گڏجڻ جو سڏ ڏيون ٿا، سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ مفاد خاطر اسانکي ڪنھن عھدي يا قيادت جي ضرورت نه آھي، سنڌ جي قومي مفاد خاطر اسين پويان ھلڻ لاءِ تيار آھيون، ان سلسلي ۾ جيڪڏھن ڪا سياسي ڌر پيش رفت نٿي ڪري ته اسين ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آھيون.
****

اي پيپر