ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ايڪتا قومي عيد تي سنڌ رهي آباد جون دعائون، عظيم تهذيب جي وارثن جو ڌرتي سان محبت جو وچن، سنڌي ميڊيا جي سڏ تي صوبي جي جهرجهنگ ۾ ايڪتا ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪارونجهر کان ڪيٽي بندر تائين ننڌن وڏن شهرن ۾ ريليون،سنڌ جا ڳوٺ به ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويا، مچ ڪچهريون ۽ مشاعرا،روڊن رستن تي جيئي سنڌ جيئي جي نعرن جي گونج، نوجوانن سان گڏ عورتون، ٻارڙا ۽ بزرگ به قومي عيد جي پروگرامن ۾ شامل رهيا، ڪيترن ئي شهرن ۾ انساني زنجيرون ٺاهي قومي ٻڌي ۽ ايڪتا جو مظاهرو ڪيو ويو، سنڌ امڙ جي سلامتي لاءِ دعائون،سنڌ جي راڄڌاني ۾ لکن جي تعداد ۾ سنڌين جون ريليون، شاهراهه فيصل ۽ ٻين روڊن تي سنڌين جو سمنڊ شهر ۾ قومي گيتن جو گونج ۽ جهمريون، وڏي انگ ۾ سنڌياڻيون اجرڪ واريون ڊريسون پائي ايڪتا تقريب ۾ شريڪ،لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، بينظير آباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ به ايڪتا جون تقريبون منعقدڪراچي پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ شهر جي مختلف علائقن مان نڪتل ريليون ۽ قافلا پهتا، سنڌ جي گادي واري شهر ۾ اجرڪ ٽوپي وارا جهومندا رهيا، لياري، ملير، سچل ڳوٺ، ڪلفٽن، سي ويو، جوهر ۽ ٻين علائقن مان ريلي ون ڪڍيون ويون.ايڪتا عيد جي ڏينهن سج اڀرڻ سان سڄي سنڌ ۾ ٽوپيون ۽ اجرڪون پهريل نوجوانن جا ميڙاڪا، عورتن،مردن سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا به ثقافتي لباس پائي پهتا،