قومي دولت لٽيندڙن کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو)  وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته قومي عدالت لٽيندڙن کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو.وزيراعظم عمران خان سان ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي، چوڌري پرويز الاهي، طارق بشير چيما ۽ مونس الاهي سميت جهانگير ترين به ملاقات ۾ موجود هئا.چوڌري پرويز الاهي بجيٽ جي حمايت جو يقين ڏياريندي چيو ته مرڪز ۽ صوبي ۾ بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جي غير مشروط حمايت تي مسلم ليگ ق جي قيادت جو شڪرگذار آهيان، اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي دولت لٽيندڙن کي احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو.ذريعن موجب ق ليگ وزيراعظم سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته واعدن تي اڃان تائين عمل ناهي ٿي سگهيو، مسلم ليگ ق مونس الاهي کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *