قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 19-2018 جي بجيٽ پيش

اسلام آباد(بيورو): قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 19-2018 جي بجيٽ پيش ئي وئي آهي جنهن جي تحت پهرئين جولائي کان سول ۽ فوجي ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو پيو وڃي.سرڪاري ملازمن لاءِ مراعتن جو اعالن ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته سمورن پينشنرز لاءِ به هڪ جيتري 10 سيڪڙو واڌ تجويز ڪئي پئي وڃي.هن ٻڌايو ته هائوس رينٽ الائونس ۾ به پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پينشن جي گهٽ ۾ گهٽ حد 6 هزار کان وڌائي 10 هزار روپيا ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته فيملي پينشن کي 4500 روپين مان وڌائي 7500 ڪيو ويو آهي جڏهن ته 75 سال کان وڌيڪ عمر جي پينشنرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پينشن 15 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسٽاف، ڪار ڊرائيور، ڊسپيچ رائيڊرز لاءِ اوور ٽائم الائونس 40 روپيا في ڪلاڪ مان وڌائي 80 روپيا في ڪلاڪ هوندو.پي ايس ڊي پي تحت پاڻي وسيلن واري ڊويزن جي پاڻي شعبي جي جاري منصوبن لاءِ 37 ارب رپين کان وڌيڪ، نون منصوبن جي لاءِ 25 ارب 52 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رکيا ويا.ايندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي 13 نئين اسڪيمن سميت 32 اسڪيمن جي لاءِ 1644.055 ملين رپيا رکيا ويا.قومي صحت، ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت  جي 20 جاري ۽ 37 نين اسڪيمن جي لاءِ 30 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *