اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ليگي وزيرن طرفان پي ٽي آءِ جي عورتن جي خلاف اڻ وڻندڙ جملا استعمال ڪرڻ خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شيري مزاري ٺهراءُ پيش ڪيو. شيري مزاري طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ عابد شير علي جا نالا شامل ڪيا ويا هئا پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اعتراض تي ن ليگ جي ٻنهي جا نالا ٺهراءَ مان ڪڍيا ويا. شيري مزاري عورتن بابت اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ تي فلور آف دي هائوس معافي گهرڻ جو به مطالبو ڪيو. ٺهراءَ ۾ تبديلي کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ عورتن بابت اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ خلاف پيش ڪيل ٺهراءَ کي منظور ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ محمود الرشيد راڻا ثناءُ الله طرفان تحريڪ انصاف جي عورتن بابت اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته جيڪي مائرون ۽ ڀينرون جلسن ۾ وينديون آهن انهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، راڻا ثناءُ الله عورتن بابت ريمارڪس ڏنا جيڪي انتهائي افسوس جوڳا آهن. محمود الرشيد طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ جي متن ۾ اِهو به چيو ويو ته ٺهراءَ کي منظور ڪيو وڄي جيئن خبر پوي ته ن ليگ وارا عورتن جي عزت ڪندا آهن. تحريڪ انصاف جي عورت ميمبرن راڻا ثناءُ الله جي خلاف صوبائي محتسب کي درخواست به ڏني جنهن ۾ عورتن بابت اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ تي راڻا ثناءُ الله خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي عورتن راڻا ثناءُ الله ۽ طلال چوڌري جي خلاف مظاهرو به ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته عورتن جي خلاف اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ تي ن ليگي اڳواڻ معافي وٺن.