اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ تعليمي ادارن ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ لاءِ منشيات روڪڻ وارو بل 2018 پيش ڪيو ويو جنهن موجب تعليمي ادارن ۾ داخلائن کان اڳ شاگردن جي منشيات ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي هوندي اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ آسيه ناز تنولي وفاقي گادي واري هنڌ جي تعليمي ادارن ۾ منسيات روڪڻ لاءِ بل منشيات سينيٽ بل 2018 پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وفاقي وزير محمود بشير ورڪ بل جي مخالفت نه ڪئي آسيه ناز مقصد پيش ڪندي چيو ته منشيات جي وڌندڙ استعمال کي روڪڻ ضروري اهي ڇو ته والدين لاءِ اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي شيشي جو استعمال وڌي ويو آهي ٻارڙن جو ڊرگ ٽيسٽ لازمي ڪرايو وڃي جن ٻارڙن جو ڊرگ ٽيسٽ ڪليئر نه هجي انهن کي داخلا نه ڏني وڃي ايوان کان اجازت ملڻ تي آسيه ناز تنولي بل ايوان ۾ پيش ڪيو قومي اسيمبلي ۾ ڄاڻايل بل 2018 پيش ڪيو ويو. شاهده رحمان رٿ پيش ڪئي ته تعليمي ادارن ۾ منشيات جي روڪٿام بل 2018 پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي قانون واري وزير بل جي مخالفت نه ڪئي شاهده رحماني چيو ته بل موجب ٻارڙن جو ڊرگ ٽيسٽ لازمي هوندي ۽ ٽيسٽ رپورٽ ڳجهي رکي ويندي ايوان مان اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو.