قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ دوران مخالف ڌر جي سخت نعريبازي، بجيٽ نامنظور، اٽي،کنڊ چور جي نعرن سان اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد ( بيورو رپورٽر) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر جي صدرت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير حماد وزير طرفان بجيٽ پيش ڪئي وئي. حماد اظهر طرفان بجيٽ پيش ڪرڻ دوران مخالف ڌر طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. مخالف ڌر ڊيسڪون وڄائي بجيٽ نام منظور جا نعرا هڻندي رهي، گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي. مخالف ڌر مختلف نعرا لکيل بينر کڻي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ايوان ۾ مخالف ڌر اٽي چور، کنڊ چور ۽ علي بابا چاليهه چور جا نعرا هڻندي رهي. مخالف ڌر طرفان بينر کڻي هڪ ڪروڙ نوڪيون ۽ 50 لک گهر ڪٿي آهن؟ جا نعرا هڻندي رهي. زراعت بردباد ۽ هاري بدحال ڇو؟ جا نعرا هڻي مخالف ڌر حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪئي. مخالف ڌر ڪورونا عام فِــلُــو ناهي، ڌانڌلي واري حڪومت نامنظور جا بينر کڻي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. مخالف ڌر احتجاج ڪندي حڪومتي بينچز تائين پهچي وئي. شازيه مري، آغا رفيع الله، کيل داس ڪوهستاني ۽ مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن کي حڪومت بينچر طرف ايندي ڏسي مراد سعيد مـُڪ ڏيکاري، جڏهن ته اسپيڪر اسد قيصر پڻ مداخل ڪندي واپس وڃڻ جي رولنگ ڏني. اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته مهرباني ڪري ائين نه ڪريو واپس وڃو، پنهجي عزت جو خيال رکيو. مخالف ڌر لٺ گولي جي سرڪار نه هلندي، ڊونڪي راجا جي سرڪار نه هلندي، کنڊ چوري جي سرڪار نه هلندي جا نعرا هڻندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *