قومي اسيمبلي ۾ ائنٽي ٽيرر اِزم، شراڪت داري، ڪمپنيز ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ ايڪٽس ۾ ترميمن جا بلز منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مني لانڊرنگ اهڙي وبا آهي، جنهن مان گهڻن ماڻهن فائدو ورتو، قومي اسيمبلي ۾ سياسي طور نابالغ ميمبر به موجود آهن، قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي تقرير تي اپوزيشن جو گوڙ، پ پ ايم اين اي راجا پرويز اشرف جي مطالبي تي پرڏيهي وزير پنهنجا لفظ واپس وٺي ڇڏيا، شاهه محمود قريشي چيو ته سندس بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معافي وٺي ٿو، مني لانڊرنگ جي قانون ۾ اپوزيشن جون هاڪاري ترميمون شامل ڪيون ويون آهن، عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته نواز ليگ جي گاڏين ۾ پٿر ڪٿان آيا، لاهور ۾ نواز ليگ طرفان اسٽيج ڊرامو ڪيو ويو . ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ ائنٽي ٽيرر اِزم، شراڪت داري، ڪمپنيز ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاءِ ايڪٽس ۾ ترميمن جا بلز منظور، قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ايوان ۾ 5 بِلز پيش ڪيا، بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته دهشتگردي جي وضاحت ٿيڻ گهرجي، کڙڪي ٽوڙڻ وارو دهشتگرد هوندو آهي، پر آئين ٽوڙيندڙ کي دهشتگرد قرار نٿو ڏنو وڃي، آئين ٽوڙيندڙ کي به دهشتگرد قرار ڏنو وڃي، وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته سموري دُنيا ۾ ايف اي ٽي ايف ۽ مني لانڊرنگ جا قانون موجود آهن، ملڪ ۾ بُنيادي حقن جو خيال رکيو ويندو، مذهب ۽ دهشتگردي ۾ فرق هجڻ گهرجي، اسلام ۽ دهشتگردي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، اسلام امن جو مذهب آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *