قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر خورشيد شاه جي شيخ رشيد ۽ جمشيد دستي جي حق ۾ تقرير ايوان ۾ گوڙ

June 9, 2017 at 11:02 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن جي ميمبر سيد خورشيد شاه جي تقرير تي ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو ، حڪومتي ۽ آپوزيشن ميمبرن جي لڙ سبب اسپيڪر سردار اياز صادق اجلاس ڪجھه وقت لاءِ ملتوي ڪيو، جمعي تي اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ آپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر ٻڌائي ته ڇا جمشيد دستي جي گرفتاري جي اجازت ورتي وئي. گذريل ڏينهن شيخ رشيد تي حملو ڪندڙ شخص جي بعد ۾ پاس ٺاهي وئي، واسطيدار شخص جنهن پاس ڏيکاري اها ڊپٽي اسپيڪر جاري ڪئي جنهن جي هو وضاحت ڪري ۽ ان شخص کي جلدي آزاد ڪيو ويو. هن چيو پ پ پ جي دور ۾ ميمبرن کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ڏانهن وڃڻو پوندو هو، خورشيد شاه چيو ته اسان ان ڳالهه جو حلف کنيو آهي ته ذاتي مفادن کي ملڪ جي مفادن تي ترجيح نه ڏينداسين عوام جي ووٽ ۽ آئين جي تحت چونڊيل حڪومتن ۾ اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر، سينيٽ جو چيئرمين جو به ڪردار هوندو آهي. پارليامينٽ کي قانون جي تحت هلايو ويندو آهي ۽ حڪومت به پارليامينٽ کي جوابده آهي، اسان کي اطمينان آهي ته موجوده پارليامينٽ جي چئن سالن جي دور ۾ مختلف لاها چاڙها آيا پر جمهوري حڪومت قائم آهي. هن چيو ته هڪ شخص بغير سيڪيوري پاس جي پارليامينٽ ۾ اندر آيو، اسان اهو چيو ته ڏٺو وڃي ته هن کي ڪير وٺي آيو، پارليامينٽريز کي بي عزت ڪرڻ جو ڪوبه جواز نه آهي، پارليامينٽ پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام جي نمائندا آهي، خورشيد شاه چيو ته محمود اچڪزئي اسان کي ڀاشن ڏيندو آهي ته اسان چونڊيل نمائندا آهيون، جڏهن ته ڪجھه ماڻهن تصويرون جنرل ضياءَ سان به ڏٺيون ويو هيون، خورشيد شاهه جي ان بيان تي عابد شير علي اٿي بيهي رهيو ۽ شيم شيم جا نعرا لڳائڻ شروع ڪيا ۽ ٻين ميمبرن به گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، اجلاس دوران عابد شير علي ۽ اعجاز جکراڻي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. خورشيد شاهه جڏهن ايوان ۾ شيخ رشيد سان پيش ايندڙ واقعي جي ذميوار نور اعواڻ جون تصويرون ڏيکاريون ته عابد شير علي چيو ته جنهن وقت شيخ رشيد کي جعلي ڪلاشنڪوف جي ڪيس ۾ ڪيترن ئي سالن تائين پ پ پ جيل ۾ رکيو هيو ڇا هو ان کي ويساري ويٺا آهن، خورشيد شاهه چيو ته هتي ضياءَالحق سان به ڪجھه ماڻهن جو تصويرون آهن ته ان تي عابد شير علي وڏي آواز ۾ چيو ته مشرف سان اين آر او جو به ذڪر ڪيو ٻنهي طرفان ميمبرن ۾ سخت جملن ۾ ڏي وٺ شروع ٿي وئي. ايوان ۾ گوڙ ٿيڻ سبب اسپيڪر پارلياماني معاملن واري شيخ آفتاب کي چيو ته ائين لڳي ٿو ته مونکي سارجنٽ کي گھرائڻو پوندو جنهن تي شيخ آفتاب حڪومتي ميمبرن کي ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، اسپيڪر عابد شير علي جي ڌمڪيءَ واري ڳالهه ٻول تي ناپسندي جو اظهار ڪيو ۽ ان کانپوءِ ڪاروائي 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري آپوزيشن ليڊر ۽ وفاقي وزيرن کي پنهنجي چيمبر ۾ گھرائي ورتو.

اي پيپر