قومي اسيمبلي وڏي ايوان مان موڪليل 6 بل ڪنهن به ترميم کان سواءِ منظور ڪري ورتا

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيبملي وڏي ايوان مان موڪليل 6 بل ڪنهن به ترميم کان بغير منظور ڪري ورتا آهن، اها ڳالهه جمعي تي سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽ جي سيڪريٽري ايوان کي ٻڌائي، هن ٻڌايو ته منظور ٿيندڙ بلن ۾ پروانشيل موٽر ويهيڪل ترميمي بل 2017 دوارن جي تحفظ ۽ فاعدن وارو بل 2017 زمين حاصل ڪرڻ جو ترميمي بل 2017 دهشتگردي خاتمي وارو ترميمي بل 2017، عوامي نمائندگي جي بل 2017 ۽سينيٽ سيڪريٽريٽ بل 2017 شامل آهن، جڏهن ته ڪارپوريٽ بحالي بل لا ريفارمز ترميم بل 2016 دهشتگردي خاتمي وارو بل 2016 ۽ پاناما پيپرز انڪوائري بل 2017 قومي اسيمبلي منظور نه ڪيا، جڏهن هڪ بل ترميم ڪري منظور ڪيو وي آهي، سينيٽ جي چيئرمين سينيٽ مان موڪليل بلن جي منظوري تي ايوان جي ميمبرن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز 2017 ۽ گواهن جي تحفظ واري بل جي منظوري وڏي اهميت واري آهي، جنهن تي سمورا ميمبر مبارڪ جا حقدار آهن. اجلاس دوران سيڪريٽري امجد پرويز ٻڌايو ته سينيٽ جي 261 هين ۽ 262 هين سيشن دوران مختلف پبلڪ پٽيشن مليون آهن جن مان 4 واسطيدار قائما ڪميٽين ۽ هڪ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي موڪلي وئي آهي، 43 پٽيشن ٻڌڻي جوڳيون قرار نه ڏنيون ويون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *