اسلام آباد(بيورو) حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جي لاءِ اخلاقيات ڪميٽي بڻائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو، ڪميٽي هلندڙ مهيني جوڙي ويندي، غير پارليماني لفظن تي ميمبر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. تفصيل موجب پارليامينٽ ۾ ميمبرن طرفان مخالفن جي لاءِ اڻ وڻندڙ لفظن جي استعمال جي خاتمي لاءِ حڪومت اخلاقيات ڪميٽي بڻائڻ جو حتمي فيصلو ڪيو آهي، ڪميٽي ميمبرن کي ذاتيات تي حملن بدران ايشوز تي ڳالهائڻ جو پابند ڪندي. ڄاڻايل ڪميٽي ميمبرن کي مخالفن جي ذاتيات تي حملن بدران ايشوز تي ڳالهائڻ جي پابندي ڪندي، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اخلاقيات ڪميٽي هلندڙ مهيني جوڙي ويندي. ڪميٽي ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرن کي برابر جي سطح تي نمائندگي ڏني ويندي، جنهن ۾ پارليماني ليڊرن کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪميٽي کي اِهو اختيار هوندو ته هو غير پارليماني ڳالهه ٻولهه تي ميمبرن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي. ان حوالي سان وزير اعظم گذريل ڏينهن اجلاس ۾ ڪميٽي جي فيصلي جي منظوري ڏني ، فيصلي موجب قاعدن ۽ ضابطن جي ذميواري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وفاقي وزير علي محمد جي حوالي ڪئي وئي. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ پارليماني معاملن تي وزارت ايس او پي بڻائينداسين، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪميٽي گارين ۽ ذاتيات تي حملي جي صورت ۾ ميمبر خلاف ڪارروائي ۽ سفارش ڪندي.