قومي اسيمبلي جي ميمبرز جي پگهارن ۾ واڌ بابت سمورا تفصيل پيش ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي ميمبرز جي پگهارن ۾ واڌ بابت سمورا تفصيل پيش ڪيا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم اين ايز جي پگهار ۾ واڌ خلاف درخواست تي وفاقي سرڪار ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، لاڳاپيل اختيارين کان 16 سيپٽمبر تائين تفصيل طلب، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي ميمبرز جي اڳوڻين ۽ موجوده پگهارن سوڌو رعايت جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم، درخواستگذار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ميمبرز جي پگهار ۽ رعايتن ۾ واڌ جو بِل پيش ڪيو ويو هو، جنهن تحت هڪ ايم اين اي کي ساليانو 25 ايئر ٽڪيٽس استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، ٽڪيٽ استعمال نه ٿيڻ جي صورت ۾ اها رقم به حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، موجوده صورتحال ۾ ايم اين ايز جي پگهارن ۽ رعايتن ۾ واڌ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *