قومي اسيمبلي جو ميمبر محسن داوڙ اتر وزيرستان مان گرفتار،سي ٽي ڊي حوالي

پشاور: (م ڊ) ) قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ کي اتر وزيرستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب  26 مئي تي خاڙ ڪمر چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ محسن داوڙ روپوش هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. خاڙ چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ پنج جوان زخمي ٿيا جنهن کانپوءِ ايم اين اي علي وزير سميت اٺ ڄڻا گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته محسن داوڙ فرار ٿي ويو هو.سي ٽي ڊي ٿاڻي بنون ۾ انسپيڪٽر محمد جليل خان جي فرياد تي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگردي سميت ڪل 10 شقون شامل ڪيون ويون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *