قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام چار وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، 9 نڪاتي ايجنڊا جاري

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام چار وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جو 9 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل ايجنڊا موجب، اجلاس ۾ انساني اسمگلنگ جي حوالي سان سيد امين الحق، حفيظ الدين ۽ ٻين جا ڌيان ڇڪايو نوٽس غور هيٺ ايندا.

قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ نيشنل ڪميشن آن هيومن رائيٽس ترميمي بل 2025 ۽ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪندو.

اهڙي طرح ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب جنوري کان جون تائين اين ايف سي ايوارڊ جي تعميل جي رپورٽ پيش ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *