قومي اسيمبلي اسپيڪر شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس ۾ شرڪت لاءِ شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا. نيب آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪيم ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي گرفتار آهي ۽ هو جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ آهي. ن ليگ شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ اسپيڪر اسد قيصر جي گهر وڃي وٽس ريڪوزيشن جمع ڪرائي هئي ۽ اپوزيشن ليڊر جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو هو. قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ن ليگ صدر شهباز شريف جي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن اهو فيصلو ڪارروائي ۽ طريقي ڪار تحت ڪيو، قاعدن تحت اسپيڪر حراست هيٺ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اجلاس ۾ طلب ڪري سگهي ٿو. پروڊڪشن آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر ضروري ٿو سمجهي ته اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر جي شرڪت لازمي آهي، ان لاءِ کيس طلب ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري سندس حاضري يقيني بڻائي وڃي ۽ جڏهن اجلاس ختم ٿئي ته نيب کيس ٻيهر تحويل ۾ وٺي سگهي ٿو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *