اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت سروسز ايڪٽ ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيا ويا.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿ يو، جنهن ۾ دفاعي ڪميٽي جي چيئرمين امجد علي خان آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.اسپيڪر جي هدايت تي پرويز خٽڪ آرمي ايڪٽ، ايئر فورس ايڪٽ ۽ نيوي آرڊيننس ۾ ترميمن جون ڌار ڌار رِٿون پيش ڪيون ۽ ايوان فوجي سربراهن بابت قانون سازي لاءِ ڌار ڌار منظوري ڏني.بل جي منظوري ۾ تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي جماعتن ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ بي اي پي کانسواءِ اپوزيشن جماعتن ن ليگ ۽ پ پ به حصو ورتو.پرويز خٽڪ جي چوڻ تي پ پ بل ۾ ترميمن جو سفارشون واپس وٺي ڇڏيون.پ پ جي نويد قمر چيو ته پاڻ کي الڳ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اسان ترميمون واپس وٺون ٿا، اسان ملڪ ۽ خطي جي نئين صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو آهي ته ترميمن تي اصرار نه ڪنداسين.جي يو آءِ (ف)، جماعت اسلامي ۽ پشتون تحفظ موومينٽ ميمبرن بل خلاف احتجاجي طور واڪ آئوٽ ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.بل منظور ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا.تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي اجلاس جي سربراهي وزيراعظم عمران خان ڪئي ۽ اجلاس ۾ پ پ جون سڀ ترميمون رد ڪيون ويون، جڏهن ته ن ليگ اجلاس ۾ بل جي غير مشروط حمايت جو فيصلو ڪيو ويو.قومي اسيمبلي ۾ بل جي منظوري کانپوءِ اهو سينيٽ جي بچاءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندو ويو ۽ ڪميٽي بل گڏيل طور منظور ڪري ورتو.اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته ڪنهن به جماعت طرفان ڪا ترميم پيش نه ڪئي وئي، حڪومت جي درخواست تي اپوزيشن پنهنجون تجويزون واپس وٺي ڇڏيون، سينيٽ مان بل جي منظوري سڀاڻي ورتي ويندي.پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ چيو ته اسان ڪجهه شين جي نشاندهي ڪئي، قانوني طور تي ڪميٽي وضاحت ڏني.