لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو(نيب ) آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي اڄ نيب طلب ڪيو هو، ۽ هو بيان رڪارڊ ڪرائڻ نيب لاهور جي آفيس پهتو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو . نيب طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي باضابطا گرفتار لاءِ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان به رابطو ڪيو ويو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي سڀاڻي احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو ويندو.سڌ سماءَ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب به شهباز شريف جي گرفتار ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کان پاڇا ڳاڇا ڪندڙ نيب جي ٽه رڪني ٽيم ۾ پراسيڪيوشن، انويسٽي گيشن ۽ انٽيليجنس جا ماڻهو شامل آهن جيڪي کائنس واٽر فلٽر پلانٽ ۽ چار ارب رپين جي ڳوٻهين بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن. نيب لاهور جي آفيس ٻاهران سيڪيورٽي سخت آهي، جڏهن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ريجنرز جي وڏي نفري به موجود آهي