قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف جون 114 سيٽون آهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( بيورو ) ايڊيشنل ڊائريڪٽر اليڪشن ڪميشن نديم قاسم چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف جون 114 سيٽون آهن، سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو ٽرن آئوٽ 51 ڏهائي 85 سيڪڙو رهيو. ايڊيشنل ڊائريڪٽر اليڪشن ڪميشن نديم قاسم ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف جون 114 سيٽون آهن، چونڊن ۾ سڄي ملڪ ۾ 51 ڏهائي 85 سيڪڙو ٽرن آئوٽ رهيو. هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 45ڏهائي 87، ڪي پي ۾ 45 ڏهائي 12، پنجاب ۾ 55 ڏهائي 5 ۽ سنڌ ۾ 48 ڏهائي 11 سيڪڙو ٽرن آئوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.  نديم قاسم چيو ته اليڪشن ڪميشن کي 832 تڪن جا نتيجا ملي چڪا آهن، ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف جون 67 سيٽون آهن ۽ ايم ايم اي جون 10 سيٽون آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جون 123 سيٽون آهن جڏهن ته 29 آزاد اميدوار آهن. اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 251، پنجاب جي 289، سنڌ جي 118، ڪي پي جي 95 ۽ بلوچستان جي 45 سيٽن جي حتمي نتيجن جو به اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نتيجن موجب قومي اسيمبلي۽ ڪي پي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف، پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جڏهن ته بلوچستان ۾ بلوچستان عوامي پارٽي کي سرسي حاصل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *