اسلام آباد(بيورو) قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظورڪيوويو. ڪشمير معاملن جي وفاقي وزير برجيس طاهر ٺهراءُ ايون ۾ پيش ڪيو جنهن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڪشمير ۾ 20 کان وڌيڪ معصوم ڪشميرن جي شهادت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ٺهراءُ جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج انساني حقن جو تقدص پامال ڪري رهي آهي،هي ايوان والاريل ڪشمير جي پرامن شهرين سان همدردي جو اظهارڪري سان گڏوگڏ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي ڪشمير مسئلي تي خاموشي ٽوڙڻ جو چوي ٿو.ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي پرامن جي جدوجد جي حمايت ڪجاري رکندو جڏهن ته ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جو اداري جي قراردان موجب حل ڪيو وڃي.