قلندر شهباز جي درگاهه ۾ ٿيل آپگهاتي بم حملي جي شهيدن جا لاش لاڙڪاڻي آندا ويا

لاڙڪاڻو(عبدالحميد شيخ) سيوھڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه ۾ ٿيل آپگهاتي بم حملي واري سانحي ۾ شهيد ٿيل لاڙڪاڻي جي الله آباد واسي 35 ورهين جي نجيب الله شيخ، 32 سالن جي فياض ويسر. ٽينڪ چوڪ واسي 15 ورهين جي سھيل شيخ، ڀينس ڪالوني واسي 6 ورهين جي ضمير کوکر ۽ هڪ اڻ سڃاتل 7 مهينن جي ٻارڙي جا لاش چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻوپهچايا ويا، جيڪي وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، حادثي ۾ زخمي ٿيل فرحان ڪلھوڙو، سڪندر جتوئي، امين جلباڻي، مسمات اميران کوکر، شوڪت ترڪ، علي محسن شاهه، دلبر شاهه، شير محمد گاد، غلام علي ويسر، غلام نبي کوسو شاهنواز ساند، وزير ساند، مسمات شبيران چانڊيو ۽ سعيد چانڊيو سميت 29 زخمين کيچانڊڪااسپتاللاڙڪاڻوپھچايوويو، جتي سندن علاج جاري آهي. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين خان محمد سانگهرو ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو ڪاشف علي ٽيپو ضلعي عملدارن سان گڏجي چانڊڪا اسپتال پھچي زخمين سان عيادت ڪندي، بھتر طبي سھولتون مھيا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ٻئي طرف سيوھڻ سانحي بعد لاڙڪاڻي سڪيورٽي سخت ڪندي درگاھن، امام بارگاھن ۽ مسجدن سميت مذھبي عبادتگاھن تي اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو واسي پيرل خاصخيلي، بشير کھڙو، باڊهه واسي محمد سليم ۽ مجاهد جلباڻي جا لاش پڻ سندن گهرن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *