قصور واقعي جا اصل ڏوهاري شهباز، راڻا ثناءُ الله، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب استعيفيٰ ڏين: طاهر القادري

لاهور(م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته قصور واقعي جي اصل ڏوهارين شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب آهي، فرضن ۾ غفلت تي سڀني کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي،  هلندڙ هفتي احتجاج جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اسان احتجاج هاڻ رڳو ماڊل ٽائون سانحي جي لاءِ ناهي پر هاڻ قصور سانحو به اسان جي احتجاج ۾ شامل ٿي ويو آهي، هن وقت قصور ۾ سمورا ايم اين ايز ۽ ايم پي اي ن لگي جا آهن پر ان جي باوجود اهڙا واقعا ڪيترن ئي سالن کان ٿي رهيا آهن. لاهور ۾ سياسي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي، حڪمران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ بري طرح ناڪام ٿي ويا آهن. مسلم ليگ ن غريبن جي اولادن کي انسان جو ٻار ناهن سمجهندا، قصور ۾ ٿيل واقعو درندگي جي بدترين مثال آهي جڏهن ته شيخوپورا، فيصل آباد، سرگوڌا ۾ به اهڙا واقعا ٿيا پر حڪمرانن جي ڪنن تي جوئن ئي نه چري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *