اتر وزيرستان(بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته امن جي لاءِ ڏنل قربانيون رنگ لائيديون، جتي رت جو راڄ اتي اڄ محبت جو دور آهي، اتر وزيرستان ۾ ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو آهي، جڏهن اهي سمورا منصوبا مڪمل ٿيندا تڏهن خبر پوندي ته اقتدار ۾ ڪير هوندو. وزير اعظم نواز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ڪرم تنگي ۾ ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي هن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪرم تنگي ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، ايندڙ نسلون ان مان فائدو حاصل ڪنديون. ڪرم تنگي ڊيم جو ڪم ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو، خطي ۽ سڄي پاڪستان کي رنبنن مان آزادي ملي وئي، محاذ رائي جي ناڪاري سياست کان ٻاهر نڪرڻ جي ضروت آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجو ڪرادر ادا ڪرڻو آهي انهن مصنوبن کي تيزي سان اڳتي وڌائڻو آهي، ڏڦيڙ ۽ خوف جو دور ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڊيم جي بنياد اتر وزير ستان ۾ هڪ نئين دور جو آغاز آهي جڏهن ته فاٽا کي قومي سٿ ۾ شامل ڪرڻ جو آغاز جلد ئي شروع ڪيو ويندو. فاٽا جي سياسي نظام ۾ تبديل آڻي رهيا آهيون ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ به فاٽا کي خاص حصو ڏنو ويندو. فاٽا جي ترقي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، سموري سياسي قيادت ويهي امن لاءِ سٺا فيصلا ڪيا آهن جڏهن ته وفاقي حڪومت پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي. هن چيو ته فاٽا ۾ يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا ويندا. ڪرم تنگي ڊيم جو منصوبو 23 ارب ۾ بڻيو، مختلف سفارشن کي عملي صورت ڏيڻ وارو عمل شروع ڪيو ويندو جڏهن ته آءِ ڊي پيز کي هن سال ئي پنهنجن گهر ۾ آباد ڪيو ويندو. هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي رهي آهي ۽ پاڻ بجلي سستي ٿي رهي آهي، جنهن ملڪ ۾ 12- 12 ۽ 16- 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي اهو ملڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ها. ملڪ ۾ 40 سالن دوران پاڻي گڏ ڪرڻ جو هڪ به منصوبو نه ٺاهيو ويو. ايف سي آر ختم ڪري نئين قانونسازي ڪئي ويندي، ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي لاءِ نوان بجلي گهر تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ هڪ شاندار مستقبل اسان جو انتطام ڪري رهيو آهي. اڄ صنعتي علائقن کي 24 ڪلاڪ بجلي ملي رهي آهي، ترقياتي ڪمن ۾ دير ڪري عوام تي ظلم ڪيو ويو، شاندار مسقبل جي لاءِ فرسوده سياست مان ڇوٽڪارو وٺڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مثالي ترقي وارو دور شروع ٿيڻ وارو آهي، هميشه دل ۽ جان سان پاڪستان جي خدمت ڪئي، اسان جي حڪومتن جو تسلسل رهي ها ته اڄ پاڪستان ايشيا جو ٽائيگر بڻجي چڪو هجي ها. ترقياتي منصوبا گذريل دورن ۾ ڇو مڪمل نه ڪيا ويا. 2018 دوران ئي نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ پنهنجو ڪم شروع ڪندو، گوادر بندرگاهه کي سڄي پاڪستان سان جوڙي ڇڏيو آهي.