ڪراچي( م ڊ ) سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ جوابدار پير ارشاد شاهه جي ضمانت کان اڳ گرفتاري جي درخواست رد ڪري ڇڏي پر سولائي سان عدالت مان ڀڄي ويو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ قتل ڪيس ۾ جوابدار پير ارشاد علي شاهه جي ضمانت کان اڳ گرفتاري بابت ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ فيصلو ٻڌائيندي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار جي ستن سالن تائين عبوري ضمانت تي آزاد رهڻ منهنجي لاءِ ڌچڪو آهي، ڇا ڪو ستن سالن تائين عبوري ضمانت تائين رهڻ جو جواز ڏئي سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل کي به پيغام موڪلڻ گهرجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ عبوري ضمانت تي پنجن سالن بعد فيصلو جاري ڪيو، قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ست سال تائين عبوري ضمانت تي رکڻ منهنجي لاءِ ڌچڪو آهي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار 2012ع ۾ هڪ شخص کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو، جوابدار خلاف حيدرآباد ۾ ڪيس داخل آهي، جوابدار ۽ مقتول پارٽي وچ ۾ زمين جو جهيڙو هو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ 2012ع ۾ ضمانت جي درخواست داخل ٿي ۽ 2018ع ۾ فيصلو ٿيو، قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ايترو عرصو عبوري ضمانت تي رکڻ جو ڪو به جواز ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ پوليس جي نااهلي تنهن وقت سامهون آئي جڏهن ضمانت رد ٿيڻ تي جوابدار سولائي سان ڀڄي ويو.