ڪراچي(هه آ) قبضي وارن خلاف مسلسل سخت آپريشن وقت جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءٌ يا رنڊڪ کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. ٻيهر قبضا نه ٿيڻ ۽ روزانا انڪروچمينٽ خلاف ڪارروائي جي سلسلي ۾ ڪراچي جي ڇهن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي انيٽي انڪروچمينٽ فورس بورڊ آف ريونيو سنڌ ڪراچي جي 25 جوان ۽ ٻه موبائل وينز فراهم ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ حڪومت کي خاص درخواست ڪئي ويندي ان ڳالھ جو فيصلو ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان جي صدارت اڄ ڪمشنر آفيس ۾ منعقد هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ رفيق قريشي، ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ آصف جميل، ڊپٽي ڪمشنر سنيٽرل ڪيپٽن(ر) فريدالدين مصطفيٰ، ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي مهدي شاھ، ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ اسد ضامن، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس بورڊ آف ريونيو حڪومت سنڌ ڊاڪٽر فاروق کان علاوه ڊائريڪٽر ميڊيا مئنجمينٽ ڪمشنر ڪراچي محمد شبيه صديقي به موجود هو. اجلاس ۾ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن الڳ الڳ پنهنجي ضلعي ۾ قبضن جي حوالي سان تفصيل سان آگاھ ڪيو ۽ ڪيترن ئي معاملن تي ڪمشنر ڪراچي کان رهنمائي ۽ مدد جي درخواست ڪئي. ڪمشنر ڪراچي ان موقعي تي چيو ته قبضا شهر جي خوبصورتي تي بدنما داغ آهي ۽ ٽرئفڪ جي رواني ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر جي خوبصورتي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ڪراچي جي هاڪاري تصوير اُڀارڻ جي سلسلي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ وزير عاليٰ سنڌ پاڻ انهن منصوبن جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي سندس ڪوشش آهي ته سمورا منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن ۽ شهرين کي جلد رليف ملي سگھي پر شهر ۾ وڌندڙ قبضن ۽ بي پناھ غير قانوني اڏاوتن نه صرف شهر جي بدصورتي جو سبب بڻجي رهيا آهن پر ان جي ڪري شهري کي هلڻ ۽ ٽرئفڪ جام جي صورت ۾ شديد پريشاني ۽ ذهني دٻاءَ ۽ تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. حڪومت هر ان ڪم جي خلاف سخت ايڪشن وٺندي جنهن جي ڪري عوام کي مشڪلين ۽ تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪمشنر ڪراچي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو قبضن خلاف ايڪشن وٺڻ کان پهرين انڪروچمينٽ ڪرڻ وارن کي خبردار ڪري ته جيئن هو پاڻ مرادو پٿارا ۽ قبضا وغيره ختم ڪن ٻئي صورت ۾ نه فقط مال صبظ ڪيو ويندو پر مسلسل خلاف ورزي ۽ حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ کين جيل اُماڻيون ويندو. اعجاز احمد خان سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو قبضن جي حوالي سان ورتل اُپائن جي تفصيل روزانا جي بنياد تي ڪمشنر آفيس اُماڻين. ڪمشنر ڪراچي وڌيڪ چيو ته جن جاين تان قبضن جو خاتمون ڪيو وڃي اتي ڪڙي نظر رکي وڃي ته جيئن اتي ٻيهر بقضو نه ٿي سگھي.