ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي سينٽر لاءِ الاٽ ڪيل زمين تي قبضو نه هٽائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هتي قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه به نه چوندو آهي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن. عدالت روينيو بورڊ کي فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي سينٽر جي زمين تي قبضي واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت روينيو بورڊ کي فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ريسرچ سينٽر جي زمين تي قبصو عوامي مفادن جو مامرو آهي، هتي قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه به نه چوندو آهي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن. ٻڌڻيءَ دوران عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وي سي ظفر سعيد ريسرچ لاءِ زمين ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني هئي، ورهين کان درخواستگذار کي قبضو نه مليو آهي، زمين جو قبضو يونيورسٽيءَ کي ڏياري اُن جي خواهش پوري ڪئي وڃي، هاڻي هو عدالت ۾ اچڻ جي حالت ۾ به نه آهي.