ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته قبضا مافيا ملڪ ڳڙڪائي وئي آهي، رياست جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ ۾ سرڪاري زمين جي ليز ۽ الاٽمينٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ ۾ سرڪاري زمين جي ونڊ ورڇ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته قبضا مافيا ملڪ ڳڙڪائي وئي، رياست جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، سرڪاري زمينن جي ونڊورڇ ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ ۾ جيڪو ٿيندو رهيو، قانون کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪنداسين، زمينن جي ليز ۽ الاٽمينٽ جي شفافيت کي يقيني بڻائينداسين، هتي ونڊورڇ ڪئي وئي، بغير نيلامي جي پلاٽ ورهايا ويا.چيف جسٽس ونڊ پاور پراجيڪٽ جي وڪيل کي چيو ته توهان پڙهو ته هڪ صفحي تي لکيل آهي ته ناٽ ٽو ڪرپشن، بس مٿان اهو لکيل آهي ۽ هيٺيان ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي، سنڌ ۾ ڪنهن قانون تحت سرڪاري زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن، هي ته سڀ بدمعاشيون هلي رهيون آهن، مون ڪالوني لا کي تبديل ڪيو، گهر ويٺي درخواست تي پلاٽ الاٽ ۽ مرضي جي 4 ماڻهن جي ڪميٽي ٺهي ويندي هئي، اسان ڪرپشن جا دروازا کولڻ نه ڏينداسين.چيف جسٽس بغير نيلامي جي زمين وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.