ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه بيرسٽر فروغ نسيم جي قانون واري وزير طور حلف کڻڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اطلاع آهن ته ٽيون ڀيرو حلف کڻندڙ وزير کي ڪلڀوشن جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ٻيهر مستعفيٰ ٿيڻو پوندو.بيرسٽر فروغ نسيم هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کنيو آهي ۽ 2 سالن ۾ ٽيون ڀيرو هن ان وزارت جو حلف کنيو آهي.فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي نمائندگي ۽ جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ حڪومت طرفان پيش ٿيڻ تي وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي.ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ٽيون ڀيرو حلف کڻندڙ وزير کي ڪلڀوشن جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ٻيهر مستعفيٰ ٿيڻو پوندوهن چيو ته ساان سنڌ ڪارڊ نه پر سنڌ ڪاز جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، بلاول غلط پاليسين جي ڪري ڳالهائيندو آهي ته هنن کي باهه لڳي ويندي آهي، وزير اعظم پاڻ بابت سوالن جا جواب پاڻ ڏئي پر هو سياسي بونا ۽ مسخرا سامهون آڻيندو آهي جيڪي سنڌ جي عظيم ثقافت تي حملا ڪندا آحن.ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت جي نااهلي ۽ پاليسين جي خلاف ضابطي ڪار تي عمل ڪندي احتجاج ڪنداسين.