قانون موجب هلڻو آهي، هر ڪيس ۾ سڌو مداخلت نه ٿو ڪري سگهان: چيف جسٽس

لاهور (م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته مان چيف جسٽس طور مطلق العنان نه آهيان، مون کي قانون موجب هلڻو پوندو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي امڙ صغريٰ بي بي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. متاثر عورت عدالت کي ٻڌايو ته پوليس مون کي ۽ منهنجي پٽ کي ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، 10 مهينن کانپوءِ مان بري ٿي ويس پر منهنجي پٽ کي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو، جج صاحب پوليس ڪيستائين مائرن جون هنجون اجاڙيندي رهندي. چيف جسٽس نوجوان کي ماريندڙ سمورن پوليس اهلڪارن کي طلب ڪندي عورت صغريٰ بي بي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ پيرسنن سميت ڪيترن ئي فريادين اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيف جسٽس سڀني کي عدالت ۾ گهرايو ۽ شڪايتون ٻڌي موقعي تي هدايتون جاري ڪيون. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مان چيف جسٽس طور مطلق العنان نه آهيان، مون کي به قانون موجب هلڻو پوندو آهي، سڌو سنئون هر ڪيس ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهان. چيف جسٽس انساني حقن ۽ اقليتن جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ سيل قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس چيو ته مان صغريٰ بي بي جي شڪايت ٻڌڻ لاءِ گاڏي مان لٿس ته سيڪيورٽي روڪيو، مون کي به اهڙي نموني بيهڻ سٺو نه لڳو، سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سيل قائم ڪري رهيا آهيون ته جيئن ماڻهو روڊ تي بيهڻ بدران اتي شڪايتون موڪلين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *