قانون جي گِرفت ۾ آيل جنرل (ر) فيض حميد جو ڪيس

December 13, 2024 at 12:10 am

پاڪستان ۾ طاقتور ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ڪنهن به حڪومت ۾ آسان ڪم نه رهيو آھي. اهو ئي سبب آھي ته پاڪستان ۾ طاقتور ماڻهو قانون جي گرفت کان ٻاهر آھن, نه رڳو ايترو پر اهو به چيو ويندو رهيو آھي ته جن کي  طاقتور جو “آشيرواد” آھي، ان کي به قانون جي گرفت ۾ آڻڻ آسان نه آھي. ڏسجي ته اهي ڳالهيون هوا ۾ نه ٿينديون رهيون آھن، ملڪ جي تاريخ ۾ انيڪ واقعا اهڙا آھن، جن کي ڏسي لڳندو ته قانون جو اطلاق جيئن عام ماڻهو تي ٿئي ٿو، ائين طاقتور ماڻهن تي اطلاق نٿو ٿئي. اهو ئي سبب آھي ته جڏهن به طاقتور ماڻهو قانون جي گرفت ۾ ايندا آھن، تڏهن اهو عمل سڄي ملڪ اندر بحث جو موضوع بڻجي ويندو آھي .

                 10 ڊسمبر تي پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سرابراهه جنرل رٽائرڊ فيض حميد بابت بيان به ملڪ اندر بحث جو موضوع بڻيل آھي. آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه خلاف ڪارروائي فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿيڻ تي اچرج جو اظهار ان ڪري به ٿي رهيو آھي جو ان سطح جي ڪنهن به آفيسر خلاف پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪارروائي نه ٿي آھي.

پاڪستان جي طاقتور ايجنسي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھ، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائيءَ دوران باقاعده چارج شيٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف چار مهينا اڳ 12 آگسٽ تي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي هئي. پاڪ فوج جي ترجمان جي بيان مطابق، فيض حميد تي ڪيل چارج شيٽ ۾ شامل چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث ٿيڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، رياستي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ڪرڻ  ۽ ماڻهن کي ناجائز  نقصان پهچائڻ جا الزام شامل آهن.

بيان ۾ اهو به چيو ويو آھي ته، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل  دوران ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار سان لاڳاپيل پرتشدد واقعن ۾ به آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھ کان الڳ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ اهو به چيو ويو آھي ته انهن پرتشدد واقعن ۾ 9  مئي سان واسطو رکندڙ واقعن جي جاچ پڻ شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو آھي ته، انهن واقعن ۾ ڪُجھ سياسي عنصرن سان ڳٺ جوڙ جي جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.

‘آءِ ايس پي آر’ جي بيان موجب، ڪورٽ مارشل جي دوران فيض حميد کي قانون موجب سمورا حق ڏنا پيا وڃن. ان کان اڳ ميڊيا ۾ اهو به رپورٽ ٿي چڪو آھي ته، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد تي اسلام آباد ۾ زمينن تي قبضي بابت وزارت دفاع کي هڪ درخواست ڏني وئي ھئي، جنھن تي باقاعدا ڪاروائي شروع ڪئي وئي. ان ڪيس ۾ فيض حميد تي الزام لڳايو ويو ھو ته هن نيو اسلام آباد ايئرپورٽ جي ويجهو هڪ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي مالڪ کي اغوا ڪيو هو. بعد ۾ ان تي دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.  ميڊيا ۾ اهو به رپورٽ ٿي چڪو آھي ته ، فيض حميد اها زمين پنهنجي ڀاءُ جي نالي ڪرڻ لاءِ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي مالڪ تي دٻاءُ وجهي رهيو هو، پر فيض حميد جي ڀاءُ انهن الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

اسلام آباد جي ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽيءَ جي مالڪ ڪنور معيز نومبر 2023ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته مئي 2017ع ۾ جنرل فيض حميد جي هدايتن تي ‘ٽاپ سٽي’ جي آفيس ۽ سندس رهائشگاھ تي ‘آءِ ايس آءِ’ جي اهلڪارن ڇاپو هنيو.  ‘آءِ ايس آءِ’ جي اڳوڻي سربراھ ميان علي اشفاق کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو آهي.

اوهان کي ٻڌايان ته پاڪستان ۾ فوج تي، ميڊيا يا جلسن جلوسن ۾ تنقيد ڪرڻ اسان ڪڏهن نه رهيو آھي، جيئن ڪنهن وقت ۾ ڪراچي اندر الطاف حسين خلاف ڳالهائڻ مشڪل هوندو هيو پر عمران خان جي حڪومت جي خاتمي بعد عمران خان پاران اها روايت ٽوڙي جلسن جلوسن ۽ احتجاجن ۾ فوج تي تنقيد سان گڏ کين مختلف لقب ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ائين مامرو لفظ تنقيد کان 9 مئي جي واقعي تائين پهتو، جن  واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ پي ٽي آءِ جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، جيڪي اڃا ٻڌڻي هيٺ آهن. اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزير اعظم عمران خان انهن الزامن کان انڪار ڪيو آهي ته، پي ٽي آءِ نائين مئي تي فوجي تنصيبات تي منظم حملا نه  ڪيا آهن پر فوج ۽ حڪومت پي ٽي آءِ تي انهن واقعن جي رٿابندي ۽ حملي جو سڌي ۽  اڻ سڌيءَ طور ملوث ھجڻ جو الزام لڳائينديون رھن ٿيون. نائين مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ ڪجھ اڳواڻن پارٽي ڇڏي ڏني.

آگسٽ ۾ پاڪستان جي فوج آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي حراست ۾ وٺي، سندن خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.  فوج جي ان اعلان کان هڪ هفتو پوءِ، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان دعويٰ ڪئي هئي ته، جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو سڄو ڊرامو مون کي فوجي عدالت ۾ وٺي وڃڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. فيض حميد کي منهنجي خلاف سلطاني گواھ بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي. آگسٽ ۾ ئي فوج فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائيءَ دوران وڌيڪ ٽي اڳوڻا فوجي آفيسر پڻ حراست ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

انهن ٽنھي رٽائرڊ آفيسرن کي فوج جي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙيءَ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ان حوالي سان ميڊيا  ۾ رپورٽ ڪيو ويو ته، حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ چڪوال جو برگيڊيئر نعيم ۽ برگيڊيئر غفار سميت ڪرنل رٽائرڊ عاصم به شامل آهن. جڏهن ته ان وقت کان پوءِ انھن بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن. ماضيءَ ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جو نالو 2017ع ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي فيض آباد ڌرڻي دوران سامهون آيو، جتي هن ضامن جو ڪردار ادا ڪيو هو.

پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران سندن سياست ۾ مبينا مداخلت ۽ پي ٽي آءِ سان ويجهڙائپ جو چرچو رهيو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس شوڪت عزيز صديقي، جنرل فيض حميد تي عدالت تي دٻاءُ وجهڻ، پاناما ڪيس ۾ ججن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ وزيراعظم هائوس ۾ وزير اعظم جي ڳالھ ٻولھ کي رڪارڊ ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻين پي ٽي آءِ مخالف سياسي پارٽين جا اڳواڻ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد تي ڪيترن ئي موقعن تي پي ٽي آءِ جي حمايت جو الزام لڳائيندا رهيا آهن. انهن پارٽين الزام پئي هنيو آهي ته جنرل فيض حميد ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 2018ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ مدد ڪئي. جڏهن ته جنرل باجوا ۽ جنرل فيض پنهنجن ويجهن ذريعن ذريعي انهن الزامن کي رد ڪندا رهيا آهن. انهن سڀني  تفصيلن جي ڪري ئي ڪيترائي ماڻهو اهو سمجهڻ لڳا  آھن ته فيض حميد تي الزامن جو دائرو پي ٽي آءِ تائين وڃي دنگ ڪري ٿو، شايد عمران خان به ان ڪري ئي ابتدا ۾ ئي اهو چئي ڇڏيو ته فيض حميد خلاف ڪارروائي کيس فوجي عدالت تائين آڻڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. ظاهر آھي ته عمران خان، جڏهن فيض حميد خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ان وقت جيل ۾ هو، ان ڪري ان جي معلومات محدود هوندي، ان باوجود عمران خان کي اهو لڳو ته اهو عمل کيس فوجي عدالت ۾ آڻڻ لاءِ ٿي رهيو آھي. ظاهر آھي اها ڳالھ عمران خان ڪنهن سبب ۽ سامهون ڳالهين جي بنيادن تي ئي ڪئي هوندي .

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه خلاف ڪارروائيءَ تي ماڻهو سوال اُٿارين ٿا ته ڇا رڳو سياست ۾ فيض حميد ئي ملوث رهيو آھي، اگر اهڙي عمل ۾ ٻيا به ملوث رهيا آھن ته پوءِ ٻين خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي رهي آھي، رڳو فيض حميد خلاف ئي ڪارروائي ڇو ڪئي پئي وڃي. سوال ته اهو به اُٿاريو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ڇا رڳو ڪردار فيض حميد جو هو، ڇا فيض حميد خلاف ڪارروائيءَ جو مامرو اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا تائين به پهچي سگهندو، اهڙن سوالن جي گونج ۾ هڪ تجزئي ڪار انهن سوالن جو سُٽ سلجهائيندي چيو ته، فيض حميد خلاف ڪارروائي بابت بيانن کي غور سان ڏٺو ۽ سمجهو وڃي ته مامرو سمجڻ ۾ آساني ٿي ويندي، فوج جي مامرن تي نظر رکندڙ انهي تجزئي ڪار پنهنجي ڳالھ جاري رکندي چيو ته، فيض حميد خلاف ڪارروائي ان ڪري نه ٿي رهي آھي جو هن عمران خان کي حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، فيض حميد خلاف ڪارروائي ان ڪري ٿي رهي آھي جو عمران خان جي حڪومت جي خاتمي بعد جي جي ايڇ ڪيو ڀرسان ٿيل احتجاج 9 مئي ۽ آرمي چيف جي مقرري کي بظاهر روڪرائڻ لاءِ احتجاج ۾ ملوث هجڻ جي الزامن ۾ ٿي رهي آھي. ان تجزيي ڪار مامري کي اڃان آسان نموني پيش ڪندي چيو ته، فوج خلاف محاذ کڙو ڪرڻ تي فيض حميد جو گهيرو تنگ ٿيو آھي ۽ سامهون ايندڙ باضابطا بيان اهو ٻڌائين پيا ته انهن الزامن مان سزا کان بچڻ فيض حميد لاءِ مشڪل آھي. اصل ۾ هِيءَ ڪارروائي هڪ مثال قائم ڪرڻ لاءِ ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي، جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو به آفيسر پاڻ کي ادارو يا اداري کان وڌيڪ طاقتور سمجهي پنهنجي مرضي هلائڻ واري لائين تي هلڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچي .

هن وقت تائين طاقتور اداري جي پاليسيءَ کي اڳتي وڌايو ويندو آھي، پوءِ اها پاليسي ڪهڙي به هجي، ان جو فيصلو ٿي ويو ته اداري سان وابستا ذميوار اهو ئي ڪندا آھن، جيڪا پاليسي تيار ڪئي ويندي آھي پر ان باوجود ماضي ۾ به اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڳجھ ڳوھ ۾ تحريڪ منظم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهيون آھن پر ان مامري جي نه ڪڏهن جاچ ٿي نه ئي ڪنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ڏسجي ته فيض حميد خلاف ڪارروائي ڪٿي دنگ ڪري ٿي. ڏسڻو ته اهو به آھي ته فيض حميد خلاف ڪارروائيءَ ۾ پي ٽي آءِ مان ڪير ڪير رڳڙي ۾ اچي ٿو، باقي اهو محسوس ٿي رهيو آھي ته طاقتور قوتون اقتدار جو مرڪز رهڻ واري پاليسي ترڪ نه ڪنديون. پاڪستان ۾ اڪثر طور اقتدار نظر نه ايندڙ ڌرين جي آشيرواد سان ملندو رهيو آھي، في الحال اها گرفت ڍري ٿيڻ بجاءِ اڃان مضبوط ٿيندي نظر اچي ٿي.  دنيا ۾ اوچتو اڻ ٿيڻيون ٿي رهيون آھن، شام ۾ اوچتو ڊگهي حڪمراني ختم ڪري باغين قبضو ڪيو آھي، بنگلاديش ۾ حسينا واجد جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ ٻيا به اهڙا تازا مثال آھن، پاڪستان ۾ 26 نومبر تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل احتجاج جيئن ناڪام ٿيو آھي، هاڻي شايد پي ٽي آءِ به سوچي سمجهي احتجاج جو اعلان ڪري، ڇو ته ڳالهين کان مسلسل انڪار ڪندڙ پي ٽي آءِ هاڻي ڳالهين ڪرڻ واري رستي تي اچي وئي آھي، پي ٽي آءِ جن کي چور ۽ فارم 47 جي حڪومت قرار ڏيندي هئي، هاڻي انهيءَ حڪومت سان کيس ڳالهين ۾ ڪو عيب محسوس نه ٿي رهيو آھي.

اي پيپر