ڪراچي(م ڊ) چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته قانون جي حڪمراني هوندي ته معاشرو ترقي ڪندو، اسلام ئي دنيا جو واحد مذهب آهي جيڪو قانون جي بالادستي جو حق ڏيندو آهي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ انساني حقن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ قانون ان جي حڪمراني لازم آهي، قانون جي حڪمراني هوندي ته معاشرو ترقي ڪندو، انهن قومن ترقي ڪئي جن قانون جي حڪمراني کي قبوليو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن قبضو ڪري ورتو ته آئون ان کي ڪيئن ٿو اجازت ڏئي سگهان. اسلام ئي دنيا جو واحد مذهب آهي، جيڪو قانون جي بالادستي جو حق ڏيندو آهي، اسلام ئي چوري ڪندڙن جا هٿ وڍڻ جي سزا ڏيندو آهي، اسلام چوي ٿو ته جيڪو چوري ان جا هٿ وڍيو. جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ ريمارڪس ۾ چيو ته حددخليون قائم ڪري رکيون آهن، مٿان وري چئو ٿا ته عدالت اجازت ڏئي.