قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا، عدالتي فيصلو قبول ڪيو: نواز شريف

August 7, 2017 at 7:40 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان جاڙن شهرن جي واپارين ملاقات ڪئي اهي، واپاري برادري نواز شريف سان ايڪتا جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا، عدالتي فيصلو قبول ڪيو، عوام پاناما فيصلي کي تسليم ناهي ڪيو، نواز شريف چيو ته اربين رپيا لٽڻ وارا اڄ تائين ناهن پڪڙيا ويا، آئين ٽوڙڻ وارن کي سزا ڇو نه ڏني وئي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڇا پاناما ڪيس ۾ منهنجي ئي خاندان جو نالو هيو؟، عوام مينڊيٽ ڏنو، سويلين بالادستي کي تسليم ڪيو وڃي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڀارت بار بار جنگبندي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان سان به دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو پر افغانستان سان دوستاڻا لاڳاپا اسان جي خواهش تي پورا نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي، هاڻي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي اڳ ئي تمام گهٽ ٿي وئي آهي جنهن ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي

اي پيپر