اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته قانون بڻائڻ اسيمبلي جو ڪم آهي، اسان قانون تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ ۾ تيزاب گرديءَ جو شڪار ٿيل سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي راحيلا رحيم جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار راحيلا رحيم چيو ته مان سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي هيس، شادي کان انڪار ڪرڻ تي پوليس ڪانسٽيبل ذيشان ڪراچي ۾ عيد رات تيزاب هاري منهنجو چهرو ساڙي ڇڏيو، منهنجو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي. جسٽس فيصل عرب چيو ته سنڌ جي قانون ۾ ناهي ته تيزاب هارڻ جو ڪيس دهشتگردي جي عدالت ۾ هلايو وڃي، قانون بڻائڻ اسيمبلي جو ڪم آهي، اسان قانون تبديل نه ٿا ڪري سگهون، اسان نه ٿا چاهيون ته توهان عدالتن جا چڪر هڻو، پنجاب جي قانون ۾ ترميم آهي ته تيزاب هارڻ تي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي. شاگردياڻي راحيلا رحيم چيو ته تيزاب هاريندڙ جوابدار سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل آهي ۽ کيس سنڌ پوليس طرفان به اڃا به پگهار ڏني پئي وڃي، چهرو سڙڻ سبب مان تعليم به ڇڏي ڏني آهي، مان تعليم حاصل ڪري رهي هيس منهنجو ڏوهه ڪهڙو هو. سپريم ڪورٽ دل محمد عليزئي کي قانوني معاون مقرر ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻجاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.