قانوني ماهرن واضع ڪيو ته ختم نبوت قانون ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي: احسن اقبال

December 1, 2017 at 3:31 am

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته قانوني ماهرن واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ختم نبوت قانون ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ٿي. اسلام اباد سيڪٽر ايف 6 ۾ ديني مدرسي جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳلهائيندي احسن اقبال چيو ته قانوني ماهرن واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ختم نبوت قانون ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ٿي، ڪير به ختم نبوت جي قانون ۾ تبديلي جو سوچي به نٿو سگهي. هن چيو ته مذهبي فرقيبازي ۽ لساني طور تي پکڙجندڙ مسئلن کان پاسو ڪيو وڃي، اهو عوامي سطح تي ڀڙڪي پئي ته ان باهه ۾ ملڪ سڙي ويندو. هن چيو ته حافظ حمد الله جي نشاندهي تي زاهد حامد ان اعتراض جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي، زاهد حامد تي الزام لڳا جيڪا ڏک جهڙي ڳالهه آهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته ختم نبوت تي هر مسلمان ئي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اي پيپر