ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه به نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيب ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سرڪاري زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ بابت جاچ لاءِ قائم علي شاهه کي اڄ طلب ڪيو. ايم ڊي اي جي ڪيترائي ايڪڙ زمين منتقل ڪرڻ جي ڪيس ۾ قائم علي شاهه کي بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ نيب ۾ طلب ڪيو ويو آهي. قائم علي شاهه مبينا طور سرڪارري زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. نيب طرفان سنڌ ۾ اهم شخصيتن خلاف19 ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه نيب اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي.