اسلام آباد (بيورو) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري قوم کي جشن آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي چيو ته آزادي جو قدر حقيقي جمهوريت ۾ سمايل آهي انساني وقار جو احترام ۽ انسانيت جي ترقي جي ضمانت جمهوريت کان علاوه ٻيو ڪوئي نظام نٿو ڏي اسان کي ڏسڻ گهرجي، اٽو، کنڊ ۽ پيٽرول جهڙيون استعمال جون شيون اڄ مافياز جي ڪنٽرول ۾ ڇو آهن جيستائين قانون جي نظر ۾ سڀ برابر نه ٿيندا ملڪ بحرانن جو شڪار رهندو. جمعي تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري 74هين آزادي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قوم کي آزادي جو ڏينهن مبارڪ هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي قوم جا نوجوان متحرڪ ۽ آزادي جي اهميت کان چڱي طرح واقف آهن هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي آزادي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي. جنهن کي هي عزم آزادي واري تحريڪ کان ورثي ۾ مليو آهي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ هڪ پرامن سياسي جدوجهد هئي هن چيو ته قائداعظم جي اڳواڻي ۾ اسانجن وڏڙن ايندڙ نسلن لاءِ سامراج جا زنجير ٽوڙيا هئا ته جيئن يندڙ نسلن کي جبر، مذهبي فرق ۽ هر قسم جي زيادتين کي محفوظ رکيو وڃي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسانجن وڏڙن قربانيون ڏنيون ته جيئن اسان پنهنجي عبادت، راءِ جو اظهار ۽ ايسوسيئيشن جي آزادي مان فائدو وٺون ته جيئن اسان ووٽ جي طاقت جي ذريعي حڪومتن جو احتساب ڪري سگهون اسان کي بنا دير انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڏاهپ ۽ پاڻ سان احتسان ڪندڙ قومن جو وڙ هوندو آهي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اٽو، کنڊ ۽ پيٽرول جهڙيون شيون اڄ مافياز جي ڪنٽرول ۾ ڇو آهن بلاول ڀتو زرداري چيو ته 74هين آزادي ڏهاڙي تي عوام سوال ڪري رهيو آهي، سوال آهي ته بک ۽ غربت جي خاتمي تي رياستي وسيلا ڇو خرچ نه ڪيا پيا وڃن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي وسيلا راءِ جي اظهار جي آزادي ۽ ميڊيا ۽ مخالفن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ رياستي وسيلا ڇو استعمال ڪيا پيا وڃن بلاول ڀتو زرداري چيو ته آمريت ۽ نظريي ضرورت هر ڪجهه سالن کان پوءِ ڇو ڪر کڻي سامهون ايندا رهن ٿا بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان کي اڃاتائين پنهنجي باني قائداعظم جي سوچ مطابق هلائڻ لاءِ ڪوششون ڇو ڪرڻيون پئجي رهيون آهن