فيض حميد خلاف جنوري ۾ فيصلو اچڻ جو امڪان گهٽجي ويو

اسلام آباد(منصورعلي خان) جنرل فيض خلاف ٽرائل وچ ڊسمبر کان شروع ٿيو شروع وارن ڏينهن ۾ ڪجهه اسپيس ڏنو ويو هيو جو فيض حميد جي وڪيل کي وقت گهربل هئو ۽ هاڻي روزاني جي بنيادتي ٻڌڻي ٿي رهي آهي هن مهل تائين صرف 10 سيڪڙو گواهيون ٿيون آهن اڃان 90 سيڪڙو رهيل آهن. جنرل فيض سان ميان اشفاق نالي  ڪنسلٽنٽ آهي. جنرل فيض مٿان چار مختلف چارجز ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي جن ۾ ٽاپ سٽي اسڪينڊل، ٻيو ملڪ رياض ۽ بحريه ٽائون  جو معاملو آهي چڪوال ۾ جنرل فيض جي زمين جي سامهون هڪ پارڪ جڙيو آهي جيڪو هن ملڪ رياض کان ٺهرايو جنهن جي لاڳت 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي ۽ پيمنٽ صرف 24 لک صرف ڪئي آهي، ٽيون سندس  ليپ ٽاپ ۽ موبائلن ۾ تاپ سيڪريٽ  ڊاڪيومنٽس پيل هئا. چوٿون سندس ڊيٽا ۾ 51 مختلف سياستدانن سان رابطن جي ڊيٽا ملي آهي جن مان 60 سيڪڙو پي ٽي آئي جا آهن.. ڪجه هٿ جا لکيل نوٽس به مليا آهن جن ۾ سياسي  ۽ فوج جي حوالي سان ڳالهيون لکيل آهن. لڳي ٿو ته هي معاملو جنوري ۾ ختم نه ٿيندو اڳتي وڌندو.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *