فيض آباد ڌرڻي ۾ فوج سمجهوتو نه ڪرائي ها ته ڏڦيڙ پکڙجي وڃي ها: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ فوج سمجهوتو نه ڪرائي ها ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙجي وڃي ها. اسلام آباد پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته مظاهرو ڪندڙن سان فوج جي ضمانت تي طئي ٿيل معاهدي ملڪ کي افراتفري کان بچائي ورتو، ختم نبوت وارو معاملو انتهائي سنجيده هو جنهن جي پڄاڻي تي مون شڪراني جا نفل ادا ڪيا. عمران خان چيو ته ختم نبوت جي حلف نامي ۾ ترميم تي ن ليگ جا ماڻهو پاڻ ئي ساڻن گڏ ناهن بيٺا، شهباز شريف به ان ترميم جي حمايت ناهي ڪئي جڏهن ته پاڻ قانون وارو وزير اسيمبلي ۾ بيهي اها ڳالهه ڪري رهيو هو ته هو ان ترميم ۾ ملوث ناهي، ته پوءِ هاڻ جاچ ڪئي وڃي ته ان ترميم جي پٺيان ڪير هو. ڇا ختم نبوت حلف نامي ۾ ترميم انٽرنيشنل لابي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي، ترميم جي حوالي سان بڻيل جاچ ڪميٽيم جي ميٽنگن جا نقطا سامهون آندا وڃن جيئن سڄي حقيقت قوم جي سامهون اچي وڃي. هن چيو ته جڏهن فيض آباد ۾ مظاهرو ڪندڙن خلاف پوليس ايڪشن ورتو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن مون کي روڊ تي نڪرڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو. مظاهرا ۽ ڌرڻا جمهوريت جو حصو آهن ۽ حڪوتم جو ڪم آهي ته هو مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري معاملي کي پرامن انداز ۾ حل ڪري ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪري. هن چيو ته وقت کان اڳ اليڪشن ۾ ئي پاڪستان جي بهتري آهي، وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت سمورا وزير رڳو نااهل وزير اعظم جي ڪرپشن کي بچائڻ ۾ لڳا پيا آهن. حڪومت جون سموريون ڪوششون نااهل وزير اعظم ۽ ان جي ڪتنب جي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *