اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عبوري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائر عيسيٰ ۽ جسٽس مشير عالم تي ٻڌل بئنچ 16 نومبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اڄ 5 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو ويو. عدالت چيو ته ٽي ايل پي جي رجسٽريشن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن رپورٽ جمع ڪرائي هئي پر اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ ان جو سبب به نه ٻڌايو ويو، تاثر آهي ته حڪومت ان ڪيس کي هلائڻ ئي نٿي چاهي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل ۽ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته اهڙي جماعت، جنهن زندگي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو، اربين رپين جو معاشي ۽ جاني نقصان ٿيو، ڇا ان کي سياسي پارٽي طور رجسٽرڊ ڪري سگهجي ٿو؟. عدالت چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي رجسٽريشن لاءِ اهڙي شخص جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏنو ويو، جنهن جو رهائشي پتو دبئي جو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو نمائندو اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو ته ڇا اهو شخص ٻٽي شهريت رکندڙ آهي يا نه. سپريم ڪورٽ موجب ٽي ايل پي پنهنجي خرچن جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا، ان بابت جڏهن اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کان پڇيو ويو ته هن چيو اليڪشن ايڪٽ هڪ هٿرادو قانون آهي، اسان لاءِ اها عجب جي ڳالهه آهي ته اليڪشن ڪميشن نمائندو پنهنجي اداري جي قانون کي هٿرادو چئي رهيو آهي، ان سان اليڪشن ڪميشن جي ساک متاثر ٿي، ادارو وضاحت ڪري ڇا اهو پنهنجي نمائندي جي بيان مان متفق آهي. عبوري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ان معاملي ۾ اسان کي ڏسڻو آهي ته احتجاج جي حد ڇا هوندي آهي، اهو به ڏسڻو آهي ته رياست احتجاج ڪندڙن سان ڪهڙو ورتاءُ رکي، اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته ڇا تحريڪ انصاف جي ڌرڻي جي هن احٽجاج سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. عدالتي حڪم نامي موجب پيمرا چيئرمين کان چئنلن جي بندش بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي، ڏسڻو آهي ته ڇا ڪيبل آپريٽر چئنل بند ڪري سگهن ٿا، ڇو ته اظهار جي آزادي بنيادي حق آهي، گڏوگڏ عدالت چيو ته بچاءَ واري وزارت، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ذيلي ادارن کان لاڳو قانونن تي رپورٽ گهري هئي پر ڳجهي ايجنسي جو قانون بابت ڊائريڪٽر ڪو جواب نه ڏئي سگهيو.