فيصل سبحان کي شريف خاندان خلاف شاهدي ڏيڻ تي گم ڪيو ويو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف جي پاناما ليڪس هاڻي منظر تي آئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪيپٽل ڪنسٽرڪشن نالي ڪمپني جي سربراهه فيصل سبحان ملتان ميٽرو منصوبي ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ چيني اختيارين سامهون اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي پرڏيهه ملڪ اڪائونٽس ۾ وڏي ڪميشن منتقل ڪئي وئي. هن چيو ته اهڙي اعتراف کانپوءِ فيصل سبحان کي گم ڪيو ويو آهي، مان سندس گمشدگي بابت عدالتي جاچ جو مطالبو ڪريان ٿو. سندس چوڻ هو ته منهنجي سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته ميٽرو ۽ اورنج لائن منصوبن جي ٺاهن کي به قوم سامهون آندو وڃي. عمران خان چيو ته پنجاب جي نوڪر شاهي جو ڪردار وائکو ٿي چڪو آهي جڏهن ته حڪومت طرفان شفافيت جون سموريون گهرجون مٿڀريون رکي اربين رپين جي ماليت جي رٿائن کي ڳجهين تجورين ۾ لڪائڻ قبولڻ جوڳو عمل ناهي.  هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف مال ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، احد چيما لاءِ تنهن ڪري کڙا ٿي ويا جو اهي سمورا شهباز شريف جا فرنٽ مين آهن، احد چيما خلاف 14 ارب رپين جي ڪرپشن جي جاچ ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف 9 سالن دوران 9 هزار ارب رپين خرچ ڪيا، فيصل سبحان ميٽرو ۾ ڪرپشن بابت شهباز شريف بابت شاهدي ڏني ته کيس گم ڪيو ويو آهي. عمران خان چيو ته ننڍي ڊان شهباز شريف کي اسان نه پر چين جي ايس اي سي پي پڪڙيو آهي، ڪمپني جو سي اي او گم ٿي ويو ڇو ته هن شريف خاندان خلاف شاهدي ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *