اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فيصلي جو تفصيلي جائزو وٺنداسين. قانوني ماهر سمورن معاملن کي ڏسندا.جنهن کان پوءِ فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته مودي جي انتهاپسندي جي باهه ڀارت کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. اهڙي سوچ پوري خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. امتيازي شهرت جي تڪراري ڀارتي قانون اقليتن خاص ڪري مسلمانن جي حقن کي چٿي ڇڏيو آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قانون جي خلاف احتجاج ڪندڙ ڀارتي شاگردن تي به وحشياڻو تشدد انسانيت جي تذليل آهي. ڀارتي ظلم جي خلاف بيٺل بهادر ڇوڪري مزاحمت جو ڪردار بڻجي وئي آهي. مودي پاران ڀارت کي ورهائڻ جي حوالي سان پرڏيهي اخبارن جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.