اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڪامي تي آيو ۽ ڪوڙ ثابت ٿيو غلط فيصلي کان پوءِ غلط ڪيس مان حقيقتون نڪري رهيون آهن پارٽي ڇڏي ويندڙ سون جهڙا ماڻهو نه هئا تڪليف ڏيندڙ ڪهاڻي بابت معلوم ڪرڻ گهرجي جي آءِ ٽي جي 40 نامعلوم اهلڪارن کي آڏو آندو وڇي واجد ضياء جي آءِ ٽي جو سربراهه آهي ملڪ ۽ قوم جو مالڪ نه آهي خميس تي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان نوازشريف چيو ته انويسٽيگيشن لاءِ ڪهڙن ماڻهن جو سهارو ورتو ويو جي آءِ ٽي جي رپورٽ ٺاهڻ لاءِ 40 ماڻهو هئا پول پڌرو ٿي ويو 30 تفتيش ڪندڙ ۽ عملي جا 10 ماڻهو ڪير هئا هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڪامي تي آيو اهو به ڪوڙ ثابت ٿيو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جي آءِ ٽي جا هيرا ڪير هئا ڪهڙِ کاتي مان آيا هئا ڪنهن هي ماڻهو جي آءِ ٽي کي ڏنا ۽ هي ڪردار انهن کي ڪنهن ڏنو هن چيو ته جڏهن واجد ضياء کان پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو ته هي ڪير ماڻهو هئا ته هو چوي ٿو ته مان نٿو ٻڌائي سگهان هو ڇو نٿو ٻڌائي اوهان ملڪ جا ماڻهو نه آهيو صرف جي آءِ ٽي جا سربراهه آيو منهن مٿان ڪيس آهي مان ۽ قوم ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته هي ڪهڙا نامعلوم ماڻهو هئا جن هي ڪردار ادا ڪيو اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عدالت مان انصاف جي اميد ته گهڻي آهي ڇو ته ڪيس ۾ ڪجهه به نه آهي هن ڪيس ۾ ڪيتريون شيون خطرناڪ ٿي رهيون آهن جيڪي حقيقتون لڪايون ويون اهي سامهون اچي رهيون آهن.