اسلام آباد (بيورو): چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته فيصلن ۾ اختلافي نوٽ سڄي دنيا ۾ ايندا آهن پر جيترو گوڙ اختلافي نوٽ تي هتي ٿيو آهي، ايترو ڪٿي ناهي ٿيندو، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ عمران خان طرفان بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عمران خان چيو ته بني گالا ۾ تيزي سان غير قانوني اڏاوتون ٿي رهيون آهن، انهن کي روڪڻو پوندو، بني گالا ۾ ناجائز قبضي تي انهن اڳوڻي چيف جسٽس کي به خط لکيو هيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته زندگي ٻن شين پاڻي ۽ هوا تي مشتمل آهي، ڏسڻو آهي ته بني گالا ۾ ٿيندڙ تعيمرات قانون موجب آهن يا نه، جيڪي وڻ ڪٽجي ويا اهي واپس نه ٿا آڻي سگهجن، پر نئين وڻڪاري ٿي سگهي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمران خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته فيصلن ۾ اختلافي نوٽ سڄي دنيا ۾ ايندا آهن، جيترو گوڙ اختلافي نوٽ تي هتي مچايو ويو آهي، ڪٿي به ناهي ٿيندو، نظام ۽ عدليه جي لاءِ هي وقت اهم آهي، ادارا مضبوط ٿيندا ته ملڪ اڳتي وڌندو، اسان سڀني کي گڏجي ڪري ملڪ جي تشخص لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، اوهان عام ماڻهو ناهيو، اوهان جي آواز سان بهتري به اچي سگهي ٿي خرابي به، موجوده حالتن ۾ اوهان کي اهم ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اوهان قوم کي بي اعتمادي جي فضا مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو، ٻڌڻي دوران سي ڊي اي ۽ آءِ سي ٽي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت سي ڊي اي ۽ آءِ سي ٽي جي رپورٽ عمران خان جي وڪيلن کي ڏيڻ جي هدايت ڪندي راول ڊيم جي ڀرپاسي حددخلين بابت به رپورٽ طلب ڪري ورتي، سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته باٽنيڪل گارڊن ۽ نيشنل پارڪ مان ڪنهن قسم جي ڪٽائي نه ڪئي وڃي، سي ڊي اي کان نقشو منظور نه ڪرائيندڙ عمارتن کي بجلي، گئس نه ڏني وڃي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 مئي تي ٿيندي.