فيس بُڪ صارفن لاءِ نوان فيچر آڻيندو

ڪراچي (ع آ نيوز) سوشل ميڊيا جي مشهور ترين سائيٽ فيس بُڪ نوان اي ڪامرس فيچر متعارف ڪرائڻ ڏانهن وڌي رهي آهي، جيڪي صارفن کي روزاني بنياد تي سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ فائدو ڏئي سگهندا، جن ۾ کاڌي جو آرڊر، ڪنهن فلم جي خريداري ۽ ڪنهن به تفريحي ايونٽ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ شامل آهن. ان کانسواءِ فيس بُڪ جي اپ ڊيٽ ۾ هاڻ بزنس پيج وڌيڪ سنئين سڌي رابطن جي آپشنز سان سامهون ايندا. رڳو ايترو نه پر فيس بُڪ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ نئون آپشن پڻ سامهون آڻيندو، جنهن ذريعي سائيٽ استعمال ڪندڙن کي اها خبر پوندي انهن جي علائقي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. فيس بُڪ جا اهي نوان فيچر ۽ آپشن في الحال ان سائيٽ جي آمريڪا ۾ رهندڙ صارفن لاءِ دستياب هوندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *