مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جي سوچ اها هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي هارائي يا پاڻ سان ملائي نه سگھجي ته ان کي چِٿي ڇڏيو ۽ هاڻي فيس بڪ اهڙو ئي ڪجھه نوجوانن ۾ مشهور ايپ سنيپ چيٽ سان ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، ان جو مثال فيس بُڪ طرفان متعارف ڪرايل نئين ڪئميرا جو فيچر آهي جيڪو سيلفي تصويرون ۽ وڊيوز کي فلٽر، ايفيڪٽ ۽ ماسڪن سان گڏ وٺڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ ان کي نيوز فيڊ تي دوستن سان شيئر ڪري سگھجي ٿو، جنهن تي جيڪڏهن ڪو جواب نه ڏئي ته هو 24 ڪلاڪن کان پوءِ غائب ٿي ويندي آهي. هي فيچر آهي جيڪو هِن وقت تائين سنيپ چيٽ کي ٻين ايپليڪشنن کان بلڪل نرالو بڻائي ٿو، پر فيس بڪ جي هڪ ارب کان وڌيڪ صارف به ان مان فائدو وٺي سگھن ٿا.