ڪراچي) هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته ڪير به قانون کان مٿانهون نه آهي ۽ انهن سمورن نجي تعليمي ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جن فيسن ۾ بلاجواز اضافو ڪيو آهي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس ۽ بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز منسوب احمد صديقي، رجسٽرار رافيعه ملاح ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير خانگي تعليمي ادارن پاران فيسن ۾ اضافي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪجهه مخصوص تعليمي ادارا عدالتي حڪمن جي به پرواهه ناهي ڪري رهيا جيڪو نهايت ئي افسوس ناڪ آهي. هن ڊائريڪٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته فيسن ۾ بلاجواز اضافو ڪندڙن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن ۽ صوبي ۾ پنهنجي مانيٽرنگ ٽيمن کي وڌيڪ فعال بڻائين ته جيئن فيسن ۾ اضافو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. هن چيو ته جيڪي تعليمي ادارا فيسن ۾ ناجائز اضافو ڪندا انهن کي مالي ڏنڊ سان گڏ جيل جي هوا به کائڻي پوندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قانون کاتي کي هڪ سمري رواني ڪئي پئي وڃي ته جيئن والدين ۽ ٻارن کي بلاجواز تنگ ڪرڻ ۽ فيسن ۾ ناجائز اضافو ڪندڙ تعليمي ادارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. هن ڊي جي پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي سمورن معاملن کي مانيٽر ڪري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان ملي ارجنٽ درخواست عدالت ۾ داخل ڪري. ان کان علاوه صوبائي وزير تعليم جي هدايت تي سيڪريٽري ڪاليجز پرويز احمد سيهڙ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته سمورا ريجنل ڊائريڪٽرز ڪاليجز جو اجلاس 15 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ طلب ڪيو ويو ته جيئن فيسن ۾ اضافو ڪندڙ ڪاليجز خلاف ڪارروائي جو لائحه عمل طئي ڪري سگهجي. سيڪريٽري ڪاليجز پرويز احمد سيهڙ ٻڌايو ته هن گذريل ڏينهن اندرين سنڌ جي ڪيترن ضلعن جو دورو ڪيو ۽ سرڪاري ڪاليجز ۾ داخلائن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ڪافي ڪاليجن ۾ فيس جي وصولي بابت شڪايتن جو ازالو ڪيو جڏهن ته ڪراچي ۾ لياري ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري انهن ڪاليجز ۾ به 11هين جماعت ۾ ٿيندڙ داخلن بابت صورتحال کي مانيٽر ڪيو.